گڏيل قومون -14 نومبر (اي پي پي) گ??يل قومن خبردار ڪيو آهي?? ته اسرائيل طرفان غزه ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿيڻ سبب انساني صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي گهٽتائي سبب امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اچ وڃ بند ٿي سگهي ٿي، ??ال??ريل فلسطيني علائقي ۾ گڏيل قومن جي انساني معاملن واري آفيس او سي ايڇ اي جي آفيس جي سربراهه ??ال??ريل بيت المقدس مان ويڊيو لنڪ ذريعي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته غزه جي پٽي ۾ انساني زندگيون انتهائي خ??رناڪ صورتحال ۾ مبتلا آهن، جن ۾ اسپتالن جي انڪيوبيٽرز ۾ علاج هيٺ ٻار به شامل آهن، جن جي زندگين جو دارومدار اسپتال ۾ بجلي جي فراهمي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي ۽ ٻارڻ جي فراهمي ٿيڻ گهرجي ۽ وڏي تباهي ٿيڻ کان پهرين قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان پهرين جو دير ٿي وڃي.
غزه ۾ وڏي تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں