واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ فراڊ ڪيس ۾ پنهنجي دفاع ۾ بيان ڏيڻ ج?? ارادو تبديل ڪندي چي?? آهي ته هو ڪو موقف نه ڏيندو ڇو ته هن وٽ چوڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اردو نيوز مطابق ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ“ تي لکيو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي پٽن ڊان جونيئر ۽ ايرڪ، ٽرمپ آرگنائيزيشن جي ٻين عهديدارن ??لاف جاري ڪيس ۾ پهرين ئي گواهي ڏئي چڪ?? آهي. ٽرمپ کان گذريل مهيني استغاثه طرفان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي جنهن هن تي ۽ ٻين مدعا عليهان تي الزام هنيو ته هنن پنهنجي ريئل اسٽيٽ جي اثاثن جي ماليت کي وڌائي پيش ڪيو ته جيئن بينڪ قرضن ۽ انشورنس جي لاءِ شرطن تي پورو لهي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن