مڪو شريف – 21 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي مقدس هنڌن الحرمين الشريفين جي انتظامي ڪميٽي چيو آه?? ته مسجد الحرام جي صفائي ۽ سينيٽائزنگ جو عمل تفصيلي طور انجام ڏنو ويندو آهي. سبق نيوز مطابق انتظامي ڪميٽي جي بيان ۾ چيو ويو آه?? ته ڪعبت الله جي ڇت جي صفائي جي لاءِ سڀ کان پهرين ڊجيٽل ويڪيم ڪلينر سان مٽي کي صاف ڪيو ويندو آهي بعد ۾ ڪنڊن پ??سن جي صفائي هٿ واري ٻهاري سان ڪئي ويندي، مٽي صاف ڪرڻ کان پوءِ ڇت کي ڌوئي خشڪ ڪيو ويندو آهي. ڪميٽي موجب ڪعبت الله جي غلاف جا ڪنڊا جن جاين تي نصب آهن اتي به صفائي جوعمل بهتر طريقي سا?? ڪيو ويندو آهي ۽ آخر ۾ ڪعبت الله جي ڇت تي گلاب جو عرق ڇڙڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل