گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) غز?? ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم هلائيندڙ گڏيل قومن جي امدادي اهلڪارن چيو آهي ته هو جن ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهي پهريان ئي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن ۽ گذ??يل 10 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري جنگ سبب شديد خوف جو شڪار آهن. امدادي اهلڪارن مطابق غز?? ۾ گذ??يل سال آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ هر 10 مان 9 فلسطيني بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ اهي بک، غذائي کوٽ ?? بيماري جو شڪار آهن. فلسطين جي پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي ترجمان لوئيس واٽريج چيو آهي ته غز?? جي مرڪزي حصي ۾ پوليو ويڪسينيشن مهم دو??ان جن ٻارن سان هو رابطي ۾ آيو، جن جو وڏو انگ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي، غز?? ۾ موجود غير انساني حالتن سبب اتي مختلف بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن. انهن حالتن ۾ غز?? جي رهواسين کي طبي سامان، صحت جي حفاظت جي شين ۽ صاف پاڻي جي شديد ضرورت آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اتي جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته غز?? ۾ سمورين مشڪلاتن باوجود پوليو ويڪسينيشن مهم جاري آهي ۽ امدادي ڪارڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اتي هڪ سال کان 10 سالن جي عمر جي وڌ کان وڌ ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وڃي.
غزه ۾ ٻارن جي اڪثريت بيماري ۽ خوف جو شڪار آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری