??ڏي?? قومون- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ??ڏي?? قومن ۾ پاڪستان پرڏيهي قبضن ۽ آبهوا ۾ تبديلين سبب متاثر 30 ڪروڙ ماڻهن جي م??د لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ??ڏي?? قومن ۾ پاڪستان جي وقتي م??تقل نمائندي عثمان جدون جنرل اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته دنيا کي پيش ايندڙ بحرانن سبب ڪروڙين انسانن کي شديد خطرا لاحق آهن. پاڪستاني سفير پرڏيهي ملڪن جي قبضي کان وٺي سڄي دنيا ۾ لکين متاثرن جي م??د ۽ تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيش ايندڙ هنگامي صورتحال جي بنيادي ڪارڻن کي حل ڪرڻ تي زور ڀريو. عثمان جدون جنرل اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ته دنيا ۾ 1945ع کان پوءِ تڪرار اهڙيءَ طرح تي پهچي چڪا آهن جنهن سان تقريبن 308.5 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن کي انساني م??د ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. پاڪستاني نمائندي خطاب ڪندي عالمي سطح تي هنگامي انساني صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ??ڏي?? قومن جي امدادي ايجنسين ۽ عملي خاص طور تي فلسطيني پناهگيرن لاءِ ??ڏي?? قومن جي ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن نوٽ ڪرايو ته غزه ۾ 3 آڪٽوبر 2023ع کان هاڻ تائين يو اين آر ڊبليو اي جي 228 ميمبرن خدمتون سرانجام ڏيندي پنهنجون جانيون قربان ڪري چڪا آهن. هن ??ڏي?? قومن جي ايجنسي انروا سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ??ڏي?? قومن جي چارٽر، عالمي قانون، انصاف بابت عالمي ع??ال?? (آءِ سي جي) مقرر ڪيل عارضي قدمن ۽ 19 جولاءِ 2024ع جي ع??ال?? جي ??ڏي?? صلاح مشوري جي کلي ڀڃڪڙي ڪندي اين آر ڊبليو اي جي غزه ۾ امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي م??مت ڪري ٿو. هن نوٽ ڪيو ته اسرائيلي حڪومت طرفان بي گناهه فلسطينين خلاف جاري ڏاڍ جي ڏوهن سبب فوتگين ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسپتالن، مسجدن، گرجا گهرن، اسڪولن ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي به نه بخشيو ويو. پاڪستاني نمائندي سمورن ملڪن تي زور ڀريو ت?? هو فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي فوج جي ڏوهن جي خاتمي لاءِ فوري قدم کڻي ۽ فلسطيني ڌرتيءَ تي اسرائيل جي غير قانوني قبضي کي واپس وٺڻ لاءِ قدم کڻي. هن موسمياتي تبديليءَ کي هڪ غير معمولي چئلينج قرار ڏيندي ويجهڙ ۾ سوڪهڙي، ٻوڏ، طوفان، هيٽ ويوز، وڌندڙ گرمي پد ۽ ٻين شديد موسمي واقعن جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن سمورن عملن جي تباهي آڻيندڙ اثرن معاش، خوراڪ جي عدم تحفظ، مختلف بيمارين جي ڦهلاءُ ۽ چُرپُر کي جنم ڏنو آهي. هن چيو ته موسمياتي آفتن عورتن ۽ ٻارن، پوڙهن، معذور ماڻهن، بي گهر ماڻهن، غريب ۽ پُٺتي پيل ماڻهن، گهٽ اُسرندڙ ملڪن ۽ ڊگهن تڪرارن کي مُنهن ڏيڻ وارن ملڪن کي غير متناسب طور تي م??اثر ڪيو. موجوده موسيماتي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستاني سفير مطالبو ڪيو ته عالمي انساني قانون جي لاڳو ڪرڻ کي م??بوط ڪيو وڃي ۽ جنيوا ڪنوينشز کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن نَون ۽ جديد مالياتي طريقيڪار کي استعمال ڪندي عالمي م??لياتي ادارن جي شموليت سان انساني م??د لاءِ وسيلن کي م??حرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ميمبر ملڪن، ??ڏي?? قومن جي ايجنسين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي گهرجي ت?? هو موسمياتي آفتن کي روڪڻ، گهٽ ڪرڻ ۽ ان سان موسمياتي تبديلي جا انسانن تي اثر ۽ انساني همدردي جي تياري ۽ ردعمل ذريعي موافقت ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي تيز ڪن. سفير چيو ته تازي عالمي بحرانن کي حل ڪرڻ بنا اسان نه ته پنهنجي موجوده نسلن جي حفاظت ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي ايندڙ نسلن کي تحفظ ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته وقت جلدي سان گذري رهيو آهي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
پاڪستان پاران پرڏيهي قبضن ۽ آبهوا ۾ تبديلين سبب متاثر 30 ڪروڙ ماڻهن جي مدد لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی