لاس اينجلس – 13 جنوري(اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل با??ه 80 ڪلو ميٽرن جي رفتار سان هلندڙ هوائن سبب وڌيڪ علائقن ۾ پکڙجي وئي آهي ۽ هوا جي رفتار 112 ڪلو ميٽرن تائين پهچڻ جي اڳڪٿي سبب با??ه جو وڌيڪ علائقن تائين پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪا جي نيشنل ويڌر سروس جي موسميات جي ماهر روزشوئن فيلڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته انتهائي تيز هوائن سبب حالتون ڊرامائي طور تي خراب ٿيڻ واريون آهن. مقامي اختيارين مطابق لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل با??ه وسائڻ لاءِ فائر فائٽرز، گاڏيون ۽ ٻيا اوزار شهر ۾ پهچي رهيا آهن. نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ مطابق ٻيلن ۾ لڳل با??ه سبب فوتين جو انگ 24 ٿي ويو آهي ۽ ٻن وڏن علائقن ۾ لڳل با??ه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل