رحيم يار خ??ن – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ??لڪ ۾ عوام کي صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ ان لاءِ اڌ بجيٽ به خرچ ڪرڻي پئي ته ڪنداسين، دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ وڙهي، ڪراچي جي حالتن ۽ معيشت کي ٺيڪ ڪ??و. هن اها ڳالهه هتي وزيراعظم جي قومي صحت پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم مستحق ما??هن ۾ قومي صحت ڪارڊ ورهائي پنجاب ۾ ان پروگرام جو باضابطه آغاز ڪيو، وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته مون کي خوشي آهي ته قومي صحت پروگرام جو آغاز رحيم يار خ??ن ۾ به ٿي رهيو آهي ۽ هي پروگرام آهستي آهستي پوري ??لڪ ۾ پکڙجي رهيو آهي، 31 ڊسمبر 2015ع ۾ هي پروگرام شروع ڪيو ويو هو
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا