اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي داخلا جي ڏينهن 27 آڪٽوبر کي پاڪستان ڪارو ڏينهن ڪري ملهائيندو. اي پي پي ک?? ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پوري دني?? کي ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن جي ابتڙ قبضي جي خلاف پيغام کان آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته تازو ئي ان حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪاري ڏينهن جي حوالي سان تيارين جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ پرڏيهي وزارت، صوبن، گلگت بلتستان، آز??د ڪشمير جي نمائندن شر??ت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن