اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) بين الاقوامي تعوان بابت ٽيون بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ فورم 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي بيجنگ ۾ منعقد ٿيندو، پاڪستان سميت 130 کان وڌيڪ ملڪن ۽ 30 کان وڌيڪ بين الاقوامي تنظيمن جي نمائندن ان ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي آهي. چيني ميڊيا مطابق 10 سال اڳ صدر شي جن پنگ سلڪ روڊ اڪنامڪ بيلٽ ۽ 21هين صدي جي ميري ??ائم سلڪ رڊ جي گڏيل تعمير جو انيشيئٽو پيش ڪيو هو، جون 2023ع جي پڄاڻيءَ تائين 150 کان وڌيڪ ملڪن ۽ 30 کان وڌيڪ بين الاقوامي تنظيمن بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي حوالي سان 200 کان وڌيڪ تعاون جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون. ان وقت بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي سلسلي ۾ ڪيترنئي تاريخي منصوبا مڪم?? ۽ ??مل ۾ آندا ويا آهن. چين 28 ملڪن ۽ خطن سان 21 آزاد واپاري ??عاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، چين ۽ لاڳاپيل ملڪن جي مجموعي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 19.1 ٽريلين آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. گذريل هڪ ڏهاڪي دوران بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي دوستن جو حلقو وسيع تر ٿيندو پيو وڃي. چيني حڪومت طرفان 10 تاريخ جاري ڪيل وائيٽ پيپر بيلٽ اينڊ روڊ جي گڏيل تعمير بني نوع انسان جي هم نصيبمعاشري جي تعمير جو اهم طريقي ڪار ان انيشيئٽو جي ڪاميابي جي حوالي سان اهم نڪتا پيش ڪيا آهن.
بيجنگ ۾ ٽيون بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ فورم، 130 ملڪن ۽ 30 بين الاقوامي تنظيمن جي شرڪت بابت تصديق
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری