دبئي-08 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن پاڪستان جي 77 هين آزادي واري ڏها??ي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل عرب امارتن جي نيوز ايجنسي وام موجب اها تقريب دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ اٽڪل 10 هزار ماڻهو شرڪت ڪندا. تقريب ۾ گڏيل عرب امارتن جو رواداري ۽ گڏيل بقاءَ وارو وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمذي سان گڏوگڏ پاڪستاني برادري جا نمائندا ۽ اهم شخصيتون ??ه شرڪت ڪنديون. اها تقريب امارات پاڪستان سان محبت ڪري ٿو، جي پيج جي اهتمام هيٺ ٿيندي. رپورٽ موجب پاڪستان ايسوسيئيشن د??ئي، دبئي پوليس ۽ دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تعاون ??ان منعقد اها تقريب گڏيل عرب امارتن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ گهري لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿي. تقريب ۾ ثقافتي پرفارمنس، ميوزيڪل شوز ۽ روايتي سرگرميون ??امل هونديون ??يڪي گڏيل عرب امارتن جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڀرپور ورثي ۽ حصيداري جي عڪاسي ڪنديون. اها تقريب گڏيل عرب امارتن جي عالمي تعاون ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ هم آهنگي تي ٻڌل ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي ته جيئن هتي مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ پرامن طريقي سان هڪٻئي سان رهي سگهن. گڏيل عرب امارتن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، جن جو بنياد امارات ج?? باني اڳواڻ شيخ زيد بن سلطان النهيان مرحوم 1971ع ۾ رکيو هو. اڄ ٻئي ڀائر مسلمان ملڪن جا گڏيل لاڳاپا پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهن جن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ وڌندڙ اقتصادي تعاون ??ان هٿي ملي ره?? آهي، گڏيل عرب امارات پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سڀ کان وڏو سيڙپڪار?? آهي، جنهن تازو ئي پاڪستان جي معاشي شعبن ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهن.
گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون