اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ پاڪ ڀارت تازي ڇڪتاڻ جي م??ام??ي تي پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي پاليسي گائيڊ لائين?? جي 22 نقطن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ??يش ڪيل پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان کي سنڌ ??اس معاهدي تي واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڀارت هڪطرفي طور تي عالمي معاهدي جي ذميدارين کان ڌار ٿئي ٿو ته ان سلسلي ۾ ڀارت جي ڪردار کي سامهون آڻڻ گهرجي، پاڪستان جي سرزمين غير رياستي عنصرن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ هي واضح ۽ کليل پيغام ڏنو وڃي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ ان ۾ غير رياستي عنصر جي لاءِ ڪنهن قسم جي ڪا به گنجائش نه آهي، پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير بابت عالمي ڪانفرنس جو انتظام ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت طرفان ڪنٽرول لائين تي امن برقرار رکڻ جي لاءِ طئي ٿيل طريقيڪار جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي، بيڪ چينل ڳالهين جي اهميت ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي کين بحال ڪرڻ گهرجي ۽ ٻه طرفي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اعتماد سازي جا قدم بحال ڪرڻ ۽ کين سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سينيٽ پاران پاليسي گائيڊ لائينز جي 22 نقطن جي منظوري
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais