استنبول – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فلسطيني ع??ام ۽ ان جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته فلسطيني ع??ام جي لاءِ القدس شريف جي گادي واري شهر سان هڪ خودمختيار رياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بيت المقدس شريف بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غيرمعمولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم القدس شريف تي او آءِ سي جو غيرمعمولي سربراهه اجلاس گهرائڻ تي ترڪ صدر طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي غيرمعمولي وقت آهي. هن چيو ته مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي بابت 1969ع جي رباط سربراهه ڪانفرنس اه?? اميد پيدا ڪئي هئي ته فلسطيني ع??ام سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مسلمان دنيا کي درپيش سمورن مسئلن جي حوالي سان مسلمان امت پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪندي متحد ٿي جواب ڏيندي.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد