لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته معاشي لحاظ کان ڪمزور طبقي جي امداد لاءِ خص??صي منصوبو ٺاهيو وڃي ته جيئن حڪوم??ي وسيلن کي سبسڊي طور عوامي ڀلائي جي لاءِ موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي، مستقبل ۾ عوا?? کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پهچ ۽ اٽي جي اگهه جي نظا?? کي جامع حڪمت عملي تحت مستحڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي ۽ اٽي جي اگهه ۾ لاٿ ??ڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي جي غرض سان موجوده قانونن ۾ نظرثاني ۽ ترميم، نجي شعبي جي سهڪار ۽ طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ شروعاتي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي وزيراعظم عمران خان جي خص??صي هدايتن جي روشني ۾ ضروري شين جي عوام الناس کي مقرر ڪيل اگهن تي دستيابي، اٽي جي اگهه ۾ لاٿ ??ڻڻ لاءِ ڪڻڪ مان اٽي جي پيداوار وڌائڻ جي ڏس ۾ فلور ملن ۾ پيسائي جي 80:20 تناسب تي عملدرآمد، ڪڻڪ جي خريداري، پهچ ۽ اسٽوريج ۾ انتظامي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سڌارن تي ڄاڻايل تجويزون پيش ڪيون ويون.
وزيراعظم جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي ۽ اٽي جي اگهه ۾ لاٿ آڻڻ جي قدمن بابت جائزي اجلاس
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2