ڪابل-21 سيپٽمبر (اي پي پي) افغا??ست??ن جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح ا??له مجاهد چيو آهي ته ??فغا??ست??ن ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آه??، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي. افغا??ست??ن جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آهيون، جن ۾ عورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته ??بوري ڪابينه ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. عالمي برادري افغا??ست??ن جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته ??فغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ صرف تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ آهي. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغا??ست??ن ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته ??فغا??ست??ن ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، جڏهن ته ??هڪار جي آجيان ڪئي ويندي. هن افغا??ست??ن ۾ حڪومت جي حوالي سان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، قطر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغا??ست??ن ۾ امن جا خواهشمند آهن اهي افغا??ست??ن ۾ س??اس?? اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيڪي ملڪ افغا??ست??ن ۾ استحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته ??فغا??ست??ن ۾ جلدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪيون وينديون. ذبيح ا??له مجاهد وڌيڪ چيو ته ??فغا??ست??ن ۾ داعش موجود ناهي، جڏهن ته ??هشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ??نهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته ??فغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آهي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح ا??له مجاهد چيو ته ??ن سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??ورتن جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪيو.
افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي: افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب