دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جدت ۽ ٽيڪنالاجي ج?? شعبن ۾ ون ??نڊو آپريشنز ذريعي غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ص??ر چيو ته خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي تحت ون ??نڊو سهولت جو مقصد غيرملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي، سهولت فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ عالمي معيار جي ڊيجيٽل ۽ بنيادي ڍانچي جي فراهمي جي لاءِ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪرن جو مقصد پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي دنيا جي نقشي تي آڻڻ آهي، ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ شام?? ٿي ۽ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري سان ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته غيرملڪي ڪمپنيون ??ختلف شعبن خاص طور تي اي بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ وڌائڻ سان معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ موبيئس ڪيپيٽل پارٽنرز جو باني مارڪ موبيئس، انٿوني چيونگ، ڊريگن ٽيڪ وينچرز مئنيجمينٽ لميٽيڊ جو باني شامل هو. گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) جي شيخ احمد ا??مڪتوم ۽ وچ اوڀر ۽ اوڀر آفريقا جي ماسٽر ڪارڊ جي ڊويزن صدر خالد ا??جبيلي پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ماسٽر ڪارڊ، گليڪسي ريسر (اي اسپورٽس) ۽ شورق پارٽنرز وي سي فنڊز سان گڏ پاڪستان جي خصوصي ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي وچ ۾ ٽن مفاهمت جي ياداشتن تي ص??يحون ??يون. گليڪسي ريسر پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي اي اسپورٽس ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪندو، ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اي اسپورٽس مقابلن ۾ هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم هوندي. ماسٽر ڪارڊ پاڪستان ۾ ايس ٽي زيڊ اي سان اسٽريٽجڪ ڊيجيٽل ڪنٽري حصيداري تي ص??يحون ڪيون، معاهدي سان ملڪ جي ڊيجيٽل معيشت کي وڌائي سگهبو ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد شعبي کي ترقي ڏئي سگهبي، ماسٽر ڪارڊ پاڪستان جو پهريون ڪيش ليس اسپيشل ٽيڪنالاجي زون تيار ڪندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : راکی