پئرس-31 مئي (اي پي پي) فرانس جي پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي کي منهن ڏيندڙ انتهائي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ جي پارليامينٽ ميمبر سيبا سٽين ڊي??وگو چيو آهي ته هو قومي اسيمبلي جي قاعدن جي پابندي بدران تاريخ کي درست ر?? تي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو. اردو نيوز موجب پارليامينٽ جي هيٺين اي??ان جي اجلاس دوران فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي کاٻي ڌر جي پارٽي ”فرانس انبوڊ“ (اي?? اي?? آءِ) جي ميمبر سيبا سٽين ڊي??وگو جي ٻن هفتن لاءِ ميمبرشپ معطل ڪئي وئي ??هي. هن فلسطين جي حق ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ رائٽرز کي ٻڌاي?? ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو جهنڊو اسيمبلي ۾ ڦڙڪاي?? ويو آهي، پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي هي بلڪل درست قدم کنيو ??هي. اوهان ڏسو ٿا ته روم سمنڊ جي ٻئي پاسي اسان جهڙن ئي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، کاٻي ڌر جي پارٽي فرانس انبوڊ فلسطينين جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ۽ ان مسئلي کي 9 جون تي يورپين پارليامينٽ لاءِ ٿيندڙ چونڊ مهم جو مرڪزي حصو بڻاي?? ??هي. اي?? اي?? اي جي ڪجهه اڳواڻن ان تي يهود دشمني جو الزام لڳاي?? آهي پر پارٽي انهن الزامن کي رد ڪري ٿي. فرانسيسي صدر ايڪس تي جاري بيان ۾ رفح کي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي حملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي آپريشن بند ٿيڻ گهرجي تنهن هوندي به سيبا سٽين ڊي??وگو جو چوڻ آهي ته حڪومت ان آپريشن کي روڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش نه ڪري رهي ??هي. هن چيو ته هو غزه ۾ جاري قدمن تي فرانس کي به قصور وارو بڻائينداسين ڇاڪاڻ ته فرانس هن وقت تائين اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته فرانس ان قتل عام ۾ شريڪ آهي، ان کان اڳ فرانس جي دفاع واري وزير چيو ته فرانس اسرائيل کي هٿيار موڪلڻ بند نه ڪندو، خيال رهي ته فرانس جي پارليامينٽ جي قاعدي موجب پارليامينٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي ??هي.
پارليامينٽ ۾ فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ غزه ۾ قتل عام خلاف احتجاج هو: فرانس جو پارليامينٽ ميمبر
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب