اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر ??يد علي ظ??ر چيو آهي ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ نگران حڪومت جي ذميداري آهي، ڪنهن به فيصلي جو اثر عام چونڊن تي نه ٿيندو ۽ چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿيند??ن، حڪومت ڪنهن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪري رهي آهي، عدالتي حڪمن تي عملدرآمد اسان جي آئيني ذميداري آهي، لائبريريون علم جو خزانو آهن، لائبريريون نئين علم سکڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪنديون آهن، نئين نسل کي لائبريري طرف راغب ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل لائبريري ۾ هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ کي خطاب ۽ مي??يا سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر