ماسڪو _ 3 ڊسمبر (اي پي پي) روس واضح ڪيو آهي ته سندس ملڪ شام جي ص??ر بشار الاسد جي حمايت جاري رکن??و . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته اسان بشار الاسد جي حمايت جاري رکنداسين ، اسان پنهنجي رابطن کي برقرار رکڻ ۽ صورتحال جو تجزيو ڪري رهيا آهيون جڏهن ته شام جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري موقف پڻ اختيار ڪيو وين??و . هن چيو ته روس جي ص??ر ولاديمير پيوٽن جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ يوڪرين جي ص??ر ولاديمير زيلنڪسي کي ڪو پيغام ناهي پهچايو . هن چيو ته يوڪرين جنگ ۾ صورتحال واضع آهي ڪنهن به صورت ۾ اسان مفادن جو تحفظ ڪرڻ ج?? پورو ارادو رکون ٿا . جارجيا ۾ مظاهرن جو حو??لو ڏيندي دمتري پيسڪوف دليل ڏيندي چيو ته هو جارجيا جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو. هن جارجيا جي صورتحال جي ڀيٽ يوڪرين واقعن سان ڪندي چيو ته هتي صورتحال کي خراب ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪئي پئي وڃي . اسان ڪجهه ملڪن ۾ به ائين ئي ڏٺو آهي اهو يوڪرين جي واقعن سان ملندڙ آهي . اهي سمورا ان ڳالهه جا اشارا آهن ته جارجيا ۾ به انقلاب آڻڻ ج?? ڪوشش ڪئي پئي وڃي . ترجمان چيو ته جارجيا جي قيادت ??ورتحال کي مستحڪم ۽ پرسڪون بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
روس پاران شام جي صدر جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی