اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آءِ پي پيز سان م??اه??ت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آءِ پي پيز کي ادائيگين بابت عم??درآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کنڊ جي پيداوار ۽ وڪري جي عم?? جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ ج?? سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ ج?? ڏس ۾ ڪميٽي کي عم??درآمد ڪميٽي جي آءِ پي پيز سان م??اه??ت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عم??درآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ ج?? ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پي پيز کي ادائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي عم??درآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پاور واري خاص معاون، ناڻي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙين واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آءِ پي پيز کي رهتن جي ادائيگي لاءِ عم?? جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت ک?? 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي عم??درآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania