ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي جي صدارت ۾ گ??رنر هائوس ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد بابت اعليٰ ??طح?? اجلاس ٿيو. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اساماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، علي حيدي زيدي، سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جئه پرڪاش، صوبائي اسيمبلي ميمبرن فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان، حليم عا??ل شيخ ۽ بلال غفار سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد ??مر صدر کي ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي ڦهلاءُ، احتياطي تدبيرن جي لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن ۽ ويڪسين درآمد بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث