اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ضد ڇڏي ۽ واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري، گذريل رات کان مسلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جون ننڊون اڏامي ويون آهن، ڪامياب جوان پروگرام ملڪي معاشي ترقي ۽ روزگار جي فروغ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ??ار سان ??ڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان مان سزا يافته نواز شريف جون اپيلون هتي رد ٿيون ۽ سزا بحال ٿي آهي، ??دي خارج پاسپورٽ سان ??ڏ هو برطانيه ۾ ڀڳوڙو بڻجي ويٺل آهي، ??لڪي دولت لُٽي ٻاهرين م??ڪ محل بڻايا ويا، پاڪستان مان لُٽيل دولت مان ايون فيلڊ ۾ محلات ٺاهيا ويا، هاڻي هن م??ڪ جي اميگريشن به ان ??ي لال جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته توهان جو داڻو پاڻي هتي ختم ٿي ويو آهي، گهڻيون ئي ڪافيون پيتون، پيزا کاڌا، هائيڊپارڪس جو سير ڪري ورتو، پولو ميچز ڏسي ورتيون، هن چيو ته نواز شريف کي پاڪستاني عدالتن ڪرپشن تي سزا ڏني آهي ۽ ٻين کي ڪوڙو هجڻ جو طعنو ڏيندڙن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته پي ايم ايل اين ته ڪوڙ ڳالهائڻ جا ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، چاهي اهو قطري خط جي ڳالهه هجي، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ کان وٺي ڪليبري فونٽ تائين ڪجهه به هجي انهن جي عادت بڻيل آهي، ??ليٽيليٽس جي جيڪا ڪهاڻي هتي هلي هئي اها به ختم ٿي وئي، ڊاڪٽر عدنان به واپس اچي ويو پر نواز شريف واپس نه آيو، هاڻي نواز شريف وٽ ڪو ٻيو چارو نه آهي ته هو واپس اچي، ??نهنجي ضد کي ڇڏي ۽ پاڪستان اچي پنهنجي سزائن کي پورو ڪري، ??ُٽيل دولت واپس ڪري، ??زيراعظم عمران خان م??ڪ ۾ معاشي بحالي ۽ پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٺوس قدمن کنيا ته جيئن م??ڪ ۾ معاشي ترقي ٿئي، ان حوالي سان حڪومت ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪيو هو، ان پروگرام جي ذريعي آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي شفاف طريقي سان آسان قرض فراهم ڪيا ويا، ان م??قعي تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي ڪامياب جوان پروگرام ۾ شموليت يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم جاري آهن ۽ ان ??س ۾ ميڪنزم تيار ڪيو پيو وڃي، ڪامياب جوان پروگرام جي شرطن تي پورو لهندڙ صحافين کي به پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. ان م??قعي تي ڪامياب جوان پروگرام جي ڊيش بورڊ جاري ڪيو ويو.
نواز شريف ضد ڇڏي ۽ واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo